راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ??ه ا??ن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪور جي ڪور سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريش??ل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽينڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، ??ملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مدي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهم??ت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن رات جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ا??ن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.