اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن ٻه رياستي حل جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري فلسطيني عوام جي تڪليفن جو احساس ڪندي غزه ۾ اسرائيلي ظلم روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجدالحرام جي امام خطيب ڊاڪٽر ??الح بن عبدالله حميد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هو. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب ملاقات ۾ غزه جي صورتحال، اسلامو فوبيا ۽ اسلامي دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي امام خطيب جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ??ڏي?? عقيدي، تاريخ ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر ??الح بن عبدالله حميد چيو ته مسلمان دنيا فلسطين مسئلي تي متفقه موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻه رياستي حل جي بنياد تي فلسطينين کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري تشدد ۽ ظلمن جي خاتمي جي لاءِ مسلمان دنيا جي ??ڏي?? ڪوششن ۽ انساني همدرديءَ ۽ سفارتي مدد جي ضرورت آهي. صدر اهم مسئلن تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. هن مسلم قومن کي درپيش ??ڏي?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سعودي عرب ايران لاڳاپن جي بحالي جي لاءِ سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان واپار ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ملندو. هن يمن، شام ۽ سوڊان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي قدمن کي پڻ ساراهيو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاشي مدد سان گڏوگڏ انساني امداد ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقياتي منصوبن ۾ تعاون تي سعودي عرب جا ??ورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي خاص طور تي ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڀرتي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو آبادياتي تناسب بدلائي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ??الح بن عبدالله حميد پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.