اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 6 نومبر تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي ڪشميرين ڄمون ۾ نومبر 1947ع ۾ ٿيندڙ قتل عام جي متاثرين کي ياد ڪيو. 76 سال اڳ هري سنگهه جي ڊوگره فوج جنهن کي هندو انتهاپسند راشٽريا سويم سيونگ سنگهه (آر ايس ايس) جي حمايت حاصل ڪئي. منصوباب??دي ۽ منظم طريقي سان اٽڪل 2 لک 37 هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو. ترجمان ان قتل عام جي متاثرين کي ياد ڪ??دي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن گڏيل فوتگين جي مارجڻ جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي اهڙ?? قسم جي ڏوهن جي ٻيهر اجازت نه ڏيڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪ??دي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جن کي خودمختياري جو مڃيل حق حاصل آهي.