اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪر?? ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول ج??ري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آهن. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آهي، مطالبو ڪر?? ماڻهن جو حق آهي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهج??، شڪايت ڪر?? اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي اندر چونڊون منعقد ڪر?? ۾ ڏکيائي ٿئي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي جو??ب هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميو??ري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميو??ري ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول ج??ري ڪيو. اليڪشن ڪمي??ن سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي پنهنجو ڪم ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چونڊن جو عمل معمول موجب ج??ري آهي.