راولپنڊي-29 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري نگران وفاقي وزير ليفٽيننٽ ????رل (ر) انور علي جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير تي بين الوزارتي ڪميٽي جو پ??ري??ن اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق، آبي وسيلن وارو وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل وفاقي وزارتن جا آفيسر به گڏجاڻي ۾ شامل هئا. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل وزارتن/ڊويزنن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت بابت معاملا بحث هيٺ آيا. سروسز اينڊ ج??رل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ??زاد ڪشمير جي وزير، آزاد ڪشمير جي توانائي ۽ آبي وسيلن واري وزير ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير، آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي.