اسلام آب??د ?? 11 – جنوري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي ??وڙڻ جي لاءِ حڪوم??ي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران و??ير??عظم ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي ??ور کي ??وڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي ??وڪڻ شامل آهي. نگران و??ير??عظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خطاب به ڪندو ۽ حڪوم??ي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.