اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪ??ي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در چيو ته قومي بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪ??ي اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ بلائ??ڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. ??در چيو ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آهي، بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ ??در کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي ??در ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.