اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ??ي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات ج?? قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مبارڪباد ??ي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ ان??شي ايٽو جي فليگ شپ من??وبي طور اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ ان??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري رکندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي ڀائيچاري ۽ تعاون جي بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ ان??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد سميت گڏيل عرب امارات ج?? قيادت جا پڻ ان??ن جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ٿورا مڃيا. هن مبارڪباد ??ي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين شيخ من??ور بن زيد النهيان جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا من??ظر آهيون، گڏيل اعتماد، گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جا ٿنڀ آهن.