اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چي?? آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبر?? جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ ملڪ جي م??موعي م??ئيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي م??حلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انه?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چي?? آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاو?? جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ??ن جي حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.