اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خو??هشمند آهيون، روس پاڪستان سان واپار جي فروغ لاءِ روسي بئنڪن کي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خو??يو سا?? ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر روس سان ثقافتي شعبي خاص طور تي ٽي وي ۽ فلمز ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفير کي روسي صدر جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد، نيڪ خو??هشن جو پيغام ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر پيوٽن جي قيادت ۾ رو?? تيز تر معاشي ترقي ڪندو، عالمي امن کي فروغ ٿيندو. صدر جو ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي ۾ 130 معصوم جانين جيزيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. روسي سفير چيو ته روس پاڪستن جي معاشي ترقي ۽ خو??حالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو خو??هشمند آهي، ٻئي ملڪ گڏيل معاملن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي تعاون ڪري رهيا آهن، روس پاڪستان سان موجوده واپاري ڪاٿي کي ٻيڻو ڪرڻ چاهي ٿو. روسي سفير ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. روسي سفير صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.