شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سا?? مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سا?? دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شه??از شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سا?? گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن ??نگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت ??ي فروغ جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سا?? دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن ??نگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سا?? مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شه??از شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.