دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري ??ي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب دوشنبي ا??ئر??ورٽ تي تاجڪ وزيراعظم ق??هر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري ??اجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ا??ئر??ورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب ق??هر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ??يش??ا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.