آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي س??براهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي س??ن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي س??ن وڙهيو ۽ هن عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪستان فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي س??حدن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي و??رو شهر القدس ??جي.