اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ خان يونس جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسط??ني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلس??ين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خان يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن ج?? ا??در اندر اهڙو جارحاڻو حملو انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسط??ني پناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ج?? ا??جنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسط??ني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلس??ين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.