اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي د??ري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي د??ري جو پڻ امڪان آهي. د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي د??ري دوران ڌريون پاڪستان ۽ د??لت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. د??لت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ د??لت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي د??لت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ د??لت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.