اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪم??شن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ شفاف ڀرت?? جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ا??ڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪم??شن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دران?? جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪم??شن تي سرڪاري ملازمن جي ڀرت?? جي اهم ذميواري لاڳو آهي، ڪم??شن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چون?? جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشر?? جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪم??يوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪم??شن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪم??شن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ?? رهنمائي جو يقين ڏياريو.