اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ا??مگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪ??ششون تيز ڪن، اسمگلنگ ۾ ملوث ما??هن کي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان جائزه ا??لاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سيد محسن نقوي، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ا??مگلنگ ۾ ملوث ما??هن کي قطعي طور تي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالا??ي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن ۽ ان جي سهولتڪارن سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز جي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري ??نهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ تعاون وڌيڪ بهتر ڪن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ ما??هن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪ??ششون تيز ڪن. اجلاس کي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ان جي هيستائين جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت جي نگراني ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ گير مهم جاري ??هي. پيٽروليم مصنوعات، سگريٽ، موبائيل فون، سون، چانهه، ڪپڙا، ضروري ??ين، ٽائر ۽ گاڏين جي پرزن جي اسمگلنگ جي خلاف موثر قدم کنيا پيا وڃن. اسمگلنگ کي روڪڻ جي دائري ۾ ضروري ??ين سان گڏوگڏ ٻين شين کي به شامل ڪيو ويو آهي. يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ويب پورٽل جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب 54 گڏيل چيڪ پوسٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. نان ڪسٽمز گاڏين جي نشاندهي ۽ انهن جي ميپنگ جي لاءِ نظام جاري ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي. پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جو مسودو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي مهم جي هيستائين جي ڪارروائي جي ڪارڪردگي تي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ شامل 212 اهڙيون شيون جن جي اسمگلنگ جو خطرو هو، جي نشاندهي ڪري ??ن تي پابندي هنئي وئي آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ انشورنس گارنٽي بدران بئنڪ گارنٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ضروري ??ين جي اسمگلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان گڏوگڏ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، کنڊ جي اسمگلنگ ۾ 80 سيڪڙو سان گڏوگڏ ٻين روزاني جي استعمال جي شين جي اسمگلنگ ۾ پڻ واضح گهٽتائي ٿي. مالي سال 24 – 2023ع دوران اسمگلنگ جون ڪ??ششون ناڪام بڻائي ضبط ٿيندڙ شين جي ماليت 106 ارب رپيا آهي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي مهم سان ملڪ ۾ ذخيره اندوزي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي. اسمگلنگ ۾ ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان پڻ اجلاس کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن، ٽرانسپورٽرز ۽ انهن جي سهولتڪارن جي نشاندهي جو عمل تيزي سان جاري ??هي. ان حوالي سان نادرا، ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جي ڊيٽا بيس مان به مدد ورتي پئي وڃي.