پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پ??ڪس??اني زائرين جي بس کي پيش آي?? حادثي تي ايران ۾ پ??ڪس??ان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن ??ي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پ??ڪس??اني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يزد ۾ پ??ڪس??اني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پ??ڪس??ان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن ??ي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ??يراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.