منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلار??س ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پا??لياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پا??لياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپ??ڪر?? گڏيل طور تي پا??ليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ت?? پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ت?? پا??لياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پا??لياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پا??لياماني وفد جو بيلاروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ت?? پاڪستان جي پا??لياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ت?? بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپ??ڪر?? ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و ت??هيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.