اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مارجي ??يل ٻارن جي خاندانن سان تعزيت، زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ا??هن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن تي ??هڙي قسم جو حملو انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪ عمل آهي.