اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چي??ئو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي ??قر??ب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. ??قر??ب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چي??ئو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. ??قر??ب ۾ جنرل لي چي??ئو منگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر ??من ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چي??ئو منگ چين جي ڀرپاسي ??من ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چي??ئو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.