اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سا?? 5 سا??ن وارو معاشي پلان جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪستان کي جلد پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ اهو معاشي قوت بڻجندو. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن هن ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي شهيدن جي پونئيرن سا?? تعزيت ڪئ??، انهن کي بلند حوصلي وارو ڏٺو، اتي 26 آگسٽ تي جيڪو ماحول ٺاهيو ويو، ان جو مقصد اهو هو ته اهو باور ڪرايو وڃي ته اتي ڪا عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آه??، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي جي انتها هئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دوري دوران اتي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا پاران دهشتگردي ۽ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ۽ خارجي عنصر ٻاهرئين مدد سا?? گڏجي نفرت جا ٻج پوکي رهيا آهن، اتي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ سو??لين حڪومت بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوانن جي لاءِ بهترين پروگرام کڻي هلي رهي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، پاڪ فوج دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سا?? گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دور دوران ليويز کي جديد اوزارن جي فراهمي جي حوالي سا?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿ??، انهن کي جديد اوزارن جي فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دوري دوران سياسي پارٽين جي اڳواڻن سا?? پڻ ملاقات ٿ??، اهي سڀ محب وطن ۽ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي جا خواهشمند آهن، انهن جي جائز مشورن کي ٻڌو آه??، انهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن ۽ پاڪستان مخالفن سا?? ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته جن نوجوانن کي مختلف بيانيي سا?? گمراهه ڪيو پيو وڃ??، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ چائنا ۾ اسڪالرشپس سميت ليپ ٽاپ ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن کي باقي ملڪن جي نوجوانن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سو??ر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سي پيڪ مان بلوچستان جا ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن، چين اسان جو آزمايل دوست آهي، چينين جي خلاف دهشتگردي ان دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ سي پيڪ جي ذريعي عوامي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير سا?? گڏجي وفاقي حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پاڪستان جي دشمنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز سا?? گڏجي عبرت جو مقام بڻائينداسين، ان کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چيو ته موڊي?? پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري جو اعلان ڪيو جيڪو پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري جو اعتراف آهي، جڏهن ته اهو ڊگهو سفر آهي ۽ ان تي عزم سا?? هلڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي جي سفر تي حڪومتون ۽ قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت هڪ معاشي پلان جوڙيو آهي جنهن تي تيزي سا?? ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو جلد قوم آڏو آڻينداسين، ان 5 سا??ن واري منصوبي جي هدفن ۾ زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت کي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي محنت سا?? اڳتي وڌڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو عزم سا?? ڪندڙ قومن جو رستو ڪير نه ٿو روڪي سگهي، محنت ۽ اتحاد سا?? پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ معاشي قوت بڻجندو.