اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خ??اطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خ??اطي جا 112 فن پارا رک??ا ويا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي ??لا??يتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي ??لا??يتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو اد?? ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رک??ا ويا آهن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪندا.