اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرس??ان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد م??رجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين ??ان مڪمل خاتمو اسان جي اولين ترجيح آه??. وزيراعظم ڏکڻ وزيرس??ان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿ??ندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جار?? رهندي.