اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ ??سلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ ??ي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت ??وه??ن تي ناز ڪري ٿي ته ??وه??ن سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ??وه??ن جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون ??وه??ن جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته ??وه??ن جو پٽ به ??وه??ن جي نقش ق??م تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ ??ان پنهنجي پ??رين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ ??ي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذ??ڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پ??رين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.