اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چي?? آهي ته صوبائي وسيلن سان وفاق تي حملو ڪندڙ انتشاري ٽولو لاش ڪيرائي ملڪي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿو، کين ملڪي معيشت ۾ بهتري، مهانگائي ۾ گهٽتائي هضم نه ٿي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چي?? ته تحريڪ انتشار طرفان احتجاجي ڌرڻي جي سڏ جو مقصد لاش ڪيرائڻ هو، اهي ان کان پهرين به آيا، سنگجاڻي واري هنڌ تي هنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، اسلام آباد پوليس جي 55 سالن جي عبدالحميد شاهه کي تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو جنهن جي بيواهه ۽ ٻار پوري قوم کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته عبدالحميد شاهه گهر کان پنهنجو فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ ويو هو، پوليس جي مقرري شهرين جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ انهن جي حفاظت لاءِ ڪئي ويندي آهي، ڪنهن به احتجاج دوران شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ کين مقرر ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح عبدالحميد شاهه به پنهنجي گهران پنهنجي ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان آگاهه ڪري نڪتو هوندو جڏهن سندس لاش گهر اچي ٿو ته ان جي ڪَربُ کان تحريڪ انتشار نٿي ڄاڻي سگهي.اسان ان جي قرباني رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين، حڪومت سندس خاندان سان گڏ بيٺل آهي، سندس خاندان جي ڪفالت رياست ڪندي. هن چي?? ته ملڪي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ ۽ عدم استحڪام جو ??ڏهن به پيغام ڏيڻو هجي ته اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندا آهن ۽ اهڙي طرح جا واقعا ڪندا آهن، اهي هٿيار، غليل ۽ ڪرينن سان آيا ان جو مقصد ڪو اهڙو واقعو رونما ڪرڻ هو ته جيئن ملڪي ترقي جي سفر کي سبوتاز ڪري سگهجي. ان جو مقصد ملڪ ۾ مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچڻ، ناڻي واڌ گهٽجڻ، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جون سٺيون خبرون، عالمي سطح تي پاڪستاني معيشت جي بهتري جي اعتراف تان ڌيان هٽائڻ هو. سڌ سماءَ واري وزير چي?? ته انهن جي اسلام آباد اچڻ جا ڪهڙا مطالبا هئا ان جي اسان کي خبر ناهي، اهي لاش چاهين پيا تنهن هوندي به پوليس ڪنهن کي هٿ به نه لڳايو، پوليس سيڪيورٽي تي مقرر هئي، هنن عبدالحميد شاهه کي اغوا ڪيو ۽ بري طرح تشدد جو نشانو بڻايو جنهن کان??وء?? هو شهيد ٿي ويو، وردي پائي رات ڏينهن ٿڌيءَ، گرم موسم ۾ جيڪي اسان جي حفاظت تي جان هٿ جي تري تي رکي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي نڪرندا آهن انهن سان اهڙي طرح جو ??شدد مذمت جوڳو آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ انتشار پکيڙي اهي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ان جي پويان انهن جو مقصد ملڪ جي ترقي کي ڊي ريل ڪرڻ آهي، تحريڪ انصاف، پاڪستان کي آءِ ايم ايف پيڪيج نه ڏيڻ جا خط لکرايا، انهن کي اها پريشاني آهي ته پاڪستان جو واپاري خسارو ڪهڙي طرح گهٽجي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ ڪهڙي طرح اضافو ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ڪيئن اضافو ٿي ويو، پيٽروليم شين جون قيمتون ڪيئن گهٽجي ويون، هن چي?? ته پوري دنيا پاڪستان جي معيشت جي بهتري جو ??عتراف ڪري رهي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي ريٽنگ کي بهتر قرار ڏئي رهيا آهن، هن چي?? ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪير به ناهي ۽ نه ئي ڪا سياسي پارٽي ملڪ کان وڌيڪ آهي، ماضي ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي ڪنه?? حملو ڪيو، پنهنجي آرمي چي?? جي خلاف پوري دنيا ۾ مهم هلائيندڙ لاءِ ڪير فنڊنگ ڪندو رهيو، پاڪستان جي فوج هڪ پيشيور فوج آهي جنهن جو ??نيا اعتراف ڪري ٿي، اسان جي فوج جو ??نيا جي بهترين فوج ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو، جيڪو ان جو ??ياسي طور تي ساٿ نه ڏي ان خلاف مهم جوئي شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هن چي?? ته احتجاجي مظاهرين کي کڻي ويندڙ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو ڪي پي هائوس وڃڻ جو منطق سمجهه کان مٿانهون آهي، هو جنهن ڪم لاءِ آيو هو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ۽ واپس هليو وڃي ها، ڪي پي هائوس وڃڻ ۽ اتي روپوش ٿي وڃڻ هڪ معمه آهي، اهي لاش کڻڻ آيا هئا جنهن جو کين موقعو نه ڏنو ويو، هنن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پٿراءُ ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته اسان کين انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، ملڪ جو نقصان ڪرڻ نه ڏينداسين، شنگهائي تعاون تنظيم جو ??ربراهه اجلاس خوش اسلوبي سان پڄاڻي تائين پهچندو. اسان دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏيکارينداسين، پاڪستان خوبصورتي سان مالا مال آهي، هتي سڄي دنيا مان سياح اچڻ شروع ٿي چ??ا آهن، هن چي?? ته هي دنيا کي جيڪو رڪارڊ ڪري پنهنجا پيغام ڏئي رهيا آهن انهن ۾ اهو به ٻڌائين ته اسان 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهيون، اسان فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا هئا، اسان ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو هو، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن جا چڪر لڳرايا هئا، اهو به ٻڌائين ته عمران خان جي قيادت ۾ سندن حڪومتي دور فاشسٽ دور هو، هنن گولڊ سمٿ جي ان بيان جي مذمت نه ڪئي جنهن ۾ فلسطينين خلاف هڪ بيانيو بڻايو. هن چي?? ته علي امين گنڊاپور پنهنجي صوبي جي حالتن تي ڌيان ڏئي، هو مظاهرين کي گڏ آڻي کين بي يارو مددگار ڇڏي پاڻ لڪي ويو، ان کان اڳ به هنن 2014ع ۾ ڪاهه ڪئي هئي، اهي پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿي چ??ا آهن. هن چي?? ته صوبي جي سرڪاري وسيلن سان وفاق تي حملا آور ٿيڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون، انهن جي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ناهن ٿيون، انهن جي روزاني آرمي چي?? ۽ پاڪ فوج خلاف مهم جوئي هن ملڪ کي بدنام ڪرڻ لاءِ آهي. کين پيشيور آرمي چي?? ۽ پيشيور آرمي برداشت نه ٿي رهي آهي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان تڪليف جو واحد علاج اهو آهي ته پنهنجي صوبي ۾ وڃي سندن حڪومت عوام جي خدمت ڪري، صوبي جا وسيلا ڌرڻي تي خرچ ڪرڻ بدران اتي جي عوام جي صحت ۽ تعليم تي لڳايا وڃن. هن چي?? ته اهي پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام ٿي چ??ا آهن، پاڪستان جي ترقي جو ??فر جاري رهندو.