اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئر??ين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپ??ز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائند??ي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ??يندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ج??ن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.