اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت مملڪتي وزير شزه ??اطمه خواجه سان ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر (اي پي اين آءِ سي) سنگاپور جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيا رونگ لوني ڪالهه سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٽيليڪام آ??ري??رز جي سگهه وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي آءِ ٽي وارو س??ڪر??ٽري ضرار هاشم خان پڻ موجود هو. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب سي اي او، مملڪتي وزير کي اي پي اين آءِ سي ورڪنگ جي حوالي کان آگاهه ڪيو . هن چيو ته اي پي اين آءِ سي پاڪستان ۾ ٽيليڪام آ??ري??رز لاءِ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سان ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته ٽيليڪام آ??ري??رز جي سگهه وڌائڻ لاءِ فني تربيت تمام اهم آهي. ملاقات ۾ ٽيليڪام آ??ري??رز جي تربيت لاءِ هڪ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٽيليڪام واري وزارت جو ميمبر محمد جهانزيب رحيم پڻ موجود هو. ان دوران مملڪتي وزير شزه ??اطمه خواجه جرمنيءَ ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ لاڳاپن ۽ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي جرمني ۾ سهولتڪاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ انٽرنيشنل ڪوآرڊينيشن جو ميمبر عماد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيد جواد علي شيرازي پڻ موجود هئا.