سرينگر-25 آڪٽوبر (ا?? پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ??شم??ري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ??شم??رين جي امنگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي پنهنجي فوج لاهي ڄمون ??شم??ر تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ??شم??ر، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي ج?? پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به مذمت ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تن??يمن ان جي حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ??شم??رين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ??شم??ر جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ??شم??ر تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ??شم??رين کي درپيش انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ سياسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??شم??رين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ??شم??ر جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ??شم??رين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.