اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو جي ??اڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ روس جي ??اڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن ??يالن جو اظهار هن ??وسي فيڊريشن جي ??يڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽ??ينيڪو جي ??اڪستان دوري سان پاڪسان ۽ روس جي ??اڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ??لاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪ??دي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي ??عاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي مل??دي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ??يجهو آڻڻ به مدد ملندي.