اسلام آباد-29 آڪٽوبر (ا?? پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪ?? پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگال?? پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاري ??ي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر فيڊريشن ڪائونسل آف فيڊريشن ويلنٽينيا ميٽوينڪو جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي دؤري تي آيل خاص پارلياماني وفد جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ڪ?? پي ڪي جي گورنر، مختلف ملڪن جي سفيرن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊنر جو مقصد پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ هو. فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان ملاقات دوران ڪ?? پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي جا پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاريءَ ??ي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ڪ?? پي ڪي ۾ توانائي، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ روسي سيڙپڪارن جي دلچسپي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. روسي اسپيڪر ڊنر جي دعوت تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته روس پاڪستان سان مختلف ??عبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پُرعزم آ??ي ۽ مستقبل م ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.