اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد 13 کان 19 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چيو ته اسپين جي وفد قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر ??رد??ر اياز صادق، پنجاب جي گورنر ??رد??ر سليم حيدر خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اسي??بل?? جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ??ري?? ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ??ري?? تعليم، زراعت، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني مصروفيتن جي مثبت ڪردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.