اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي صارفين جي لاءِ بجلي جي اگهن کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي بجلي جي پ??دا??اري منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ گهٽ لاڳت بجلي منصوبن کي ئي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پ??دا??اري منصوبن، بجلي جي شعبي ۽ خاص طور تي پ??چ نظام تي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي پ??دا??ار جي منصوبن جي لاءِ مقامي و??يلن کي ترجيح ڏني وڃي. ان موقعي تي و??يراعظم کي سڄي ملڪ ۾ جاري پ?? بجلي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جا منصوبا گهٽ لاڳت بجلي جا اهڙا ذريعا آهن جن سان صارف کي ماحول دوست ۽ سستي بجلي فراهم ٿيندي. هن چيو ته بجلي جي موجوده صلاحيت کي پڻ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ ماحول دوست گهٽ لاڳت شمسي توانائي سان بجلي پ??دا ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت ملڪ آهي جو جتي شمسي توانائي جي و??يع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻارڻ سان گهٽ بجلي ٺاهيندڙ غيرموثر بجلي گهرن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وڌيڪ ٻارڻ سان گهٽ بجلي پ??دا ڪندڙ فرسوده بجلي گهرن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اهڙن بجلي گهرن جي بندش سان نه رڳو ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر صارف جي لاءِ بجلي جي لاڳت پڻ گهٽ ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا سمورا آفيسر جيڪي بج??ي شعبي جي سڌارن ۾ ڄاڻي و??ڻي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رهيا آهن، انهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، بجلي جي پ??چ جي نظام ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، بجلي پ??چ جي نظام کي عالمي معيار موجب جديد رخن تي قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته بجلي جي پ??دا??اري لاڳت جي لحاظ سان گهٽ لاڳت بجلي جي چونڊ ۽ پهچ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي جلد عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پ??دا??اري منصوبن، بج??ي شعبي خاص طور تي پ??چ نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. ان دوران بجلي جي ن??ين تجويز ڪيل منصوبن، جاري منصوبن جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي جاري سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني و??ي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي بجلي جي موجوده طلب ۽ صلاحيت سميت درآمدي ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن جي تحليل ۽ پهچ نظام جي سڌارن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي و??يرن احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي و??ير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.