اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي تحت معاشي، فني ۽ سماجي رٿائن کي هٿي ڏيڻ لاءِ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ??هم سيمينار جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ تعارفي اجلاس منصوبا بندي و??ري و??ارت جي انتظام هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت وفاقي و??ير پروفيسر احسن اقبال ڪئي. جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ صوبائي کاتن مان چين ويندڙ ??فيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي و??ير پنهنجي خطاب ۾ وفد جي مشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان کي هڪ تاريخي موقعو قرار ڏنو ۽ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته هو ان سيمينار ۾ ڀرپور تياري ۽ نتيجو ڏيندڙ ??ڪمت عملي سان شرڪت ڪن. هن ان قدم کي پاڪستان ?? چين جي پُراڻي دوستي ۽ گڏيل تعاون جو شاندار مثال قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته شروعاتي طور تي اسلام آباد ۾ 3 ڏينهن واري و??ڪشاپ جي تجويز ڏني و??ي هئي پر چين پاڪستان جي 27 ماهرن کي بيجنگ اچڻ جي دعوت ڏني ته جيئن هو چين جي ترقياتي حڪمت عمليءَ جو سڌيءَ ريت مشاهدو ڪن ۽ سي پيڪ فيز ٽو لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙين. احسن اقبال چين جي حيرت ۾ وِجهندڙ ??رقيءَ جو مثال ڏيندي چيو ته 1980ع ۾ پاڪستان جي في ڪس آمدني 300 ڊالر هئي جڏهن ته چين جي 200 ڊالر هئي. اڄ چين 80 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي جديد دنيا جي تاريخ ۾ هڪ بي مثالي ترقياتي ماڊل قائم ڪيو آهي. وفاقي و??ير شرڪت ڪندڙن کي اهم موضوعاتي شعبن جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ معاشي ترقي، ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل صنعتن کي هٿي ڏيڻ، غربت جو خاتمو، تعليم ۽ صحت جا منصوبا، توانائي جي شعبي ۾ تبديلي ۽ روانگي و??پار ۾ واڌ لاءِ عالمي سپلاءِ چينجز سان گڏ رابطا شامل آهن. هن وفد کي ڀرپور تياريءَ سان سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ، پنهنجي لاڳاپيل شعبن جي ماهرن سان مشورو وٺڻ ?? چين جي ترقياتي حڪمت عملين جو مطالعو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال پاڪستان چين دوستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ وفد جي ميمبرن کي سفير طور تي پيشيوراڻي رويي ۽ وقت جي پابندي جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀريو. گهرو وزارت به وفد کي ضروري سفارتي آداب ۽ اصولن کان آگاهه ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي وفد ”چيمپئنز آ?? چينج“ طور تي و??پس ايندو ?? چين جي ترقيءَ جي ڪهاڻي مان متاثر ٿي پاڪستان جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. واضح رهي ته هي سيمينار پاڪستان جي منصوبا بندي و??ارت ?? چين جي قومي ترقي ۽ سڌارن واري ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي جيڪو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هي تعاون پاڪستان جي 5 ايز فريم ورڪ، معيشت، روانگي و??پار، ماحول، توانائي ۽ مساوات جي اصولن مطابق آهي. گذريل سال پاڪستان ?? چين سي پيڪ تحت 10 سالن جي ڪامياب ترقيءَ جو جشن ملهايو. ان دوران چيني پرڏيهي و??يراعظم هي ليفينگ، صدر شي جن پنگ طرفان تجويز ڪيل 5 نَون موضوعاتي راهدارين جو اعلان ڪيو جن ۾ ترقياتي راهداري، زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ جي راهداري، جدت جي راهداري، سبز راهداري ۽ علائقائي رابطن جي راهداري شامل آهن. اهي راهداريون معاشي ترقي، جدت ۽ جٽادار ترقي جي هدفن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جوڙيون ويون.