اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پارلياماني تع??ون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تع??ون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن مح??د بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ايو??ن صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سي?? غلام مصطفيٰ شاهه، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نوفاد بن سعيد المالڪي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر سعودي عرب سان اقتصادي، سي??سي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعودي عرب سان پارلياماني تع??ون سان پاڪ – سعودي عرب ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده مح??د بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن مح??د بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلمان ۽ شهزاده مح??د بن سلمان پار??ن صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.