اسلام آباد– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نوا?? شريف کي سالگرهه تي کيس مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سندس ڏاهپ ۽ ملڪ جي خدمت جو جذبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته محمد نوا?? شريف جون سياسي خدمتون پوري قوم جي لاءِ ام??د جو ڏيئو آهن، پاڪستان سندس اڻٿڪ ڪوششن ۽ بصيرت افروز قيادت تي سدائين فخر ڪندو. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نوا?? شريف جي سالگرهه تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ سندس صحت ۽ ڪاميابين جي لاءِ دعاڳو آهيون.