اسلام آباد-06 ??نو??ي (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ ج?? اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده لاءِ نيون عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُڏام 25 ??نو??يءَ کان شيڊول جو حصو بڻجن??ي. ??ي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 ??نو??يءَ کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُڏامون 22 ??نو??يءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 ??نو??ي کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 ??نو??يءَ کان ٿين??ي. ??ضائي آپريشن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪوٽ کان جده لاءِ 20 ??نو??يءَ کان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسا??ي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.