اسلام آباد – 07 – جن??ري (اي پي پي) ص??ر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيور??ي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پ??ري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيور??ي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. ص??ر آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ته سيڪيور??ي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.