اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تع??يم بابت عالمي ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تع??يم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن ??ي اڳتي وڌائڻو آهي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪرڻ، فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل جي وسيع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 – 12 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تع??يم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تع??يم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن ??ي اڳتي وڌائڻو آهي. او آءِ سي جي متحرڪ ڪردار تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي ساراهيندي وزيراعظم تنظيم جي گڏيل ترجيحن ۽ مقصدن ??ي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان کي مسلمان امت جي گڏيل آواز جي طور تي وڌيڪ فعال ??ڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل ??اءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪندي هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪرڻ، فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل جي وسيع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان پاران ان جي ۽ ان جي وفد جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ ڇوڪرين جي تع??يم تي عالمي ڪانفرنس جو انعقاد مسلمان امت جي لاءِ اهميت رکندڙ مسئلن جي حل ??اءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو مثال ??هي. سيڪريٽري جنرل ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد ۾ او آءِ سي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم ??ي ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي جاري سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته او آءِ سي کي غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ عالمي برادري تي پنهنجو دٻاءُ جاري رکڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطين جي عوام جي امنگن موجب حل ??يڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.