اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نا??يواري تعيلمي ماهر، ليکڪ، محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر انور صابر جو ڪتاب ”سرابِ دشتِ تمنا“ شايع ٿي ويو آهي جنهن جي ??لمي ۽ ادبي ڌرين ڀرپور پذيرائي ڪندي ان کي شعري اسلوب ۽ موضوعن جي گهڻائي جي لحاظ کان موجوده گهرجن جو عڪاس ۽ ترجمان قرار ڏنو آهي. ڪتاب ۾ حمديه ۽ نعتيه ڪلام، متنوع ۽ متفرق موضوعن تي ٻڌل پابند، آزاد ۽ نثري نظم، غزل، قطعات ۽ فرديات شامل آهن. ان ڪتاب کي بڪس اينڊ ريڊرز ملتان شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر انور صابر 10 آگسٽ 1947ع تي ڀارت جي ??هر جالنڌر جي ??ستيءَ حسين پور ۾ پيدا ٿيو ۽ هجرت کانپوءِ شروعاتي تعليم جڙانوالا ضلعي فيصل آباد ۾ حاصل ڪئي. گورنمينٽ ڪاليج فيصل آباد مان ايم اي اردو جي ڊگري حاصل ڪئي.
مختلف جاين تي تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندي 1975ع ۾ گورنمينٽ صادق ايجرٽن (ايس اي) ڪاليج بهاولپور جي نا??يواري درسگاهه جي ??ردو شعبي سان واڳيل رهيو ۽ بعد ۾ اردو ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. هو ڊگهو عرصو تدريسي خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 2008ع ۾ ڪاليج جو وائيس پرنسپل ۽ اردو شعبي جي ??در جي ??هدي تان رٽائر ٿيو، جتي هن ڪاليج جي ??لمي ۽ ادبي مجلي ”نخلستانِ ادب“ (سئو سالا تحريرن جي چونڊ) ۽ ”خواجه فريد نمبر“ جهڙا اهم شمارا شايع ڪيا. ان کانپوءِ بهاولپور مان ”حروف“ جهڙي قومي سطح جي وڏي اد??ي رسالي جو شريڪ ايڊيٽر پڻ رهيو. هو سالن کان ”اردو مجلس“ بهاولپور جهڙي فعال ادبي تنظيم جو معتمد رهيو. ڊاڪٽر انور صابر جي ٻين لکڻين ۽ تاليفات ۾ سندس پي ايڇ ڊي جي ??حقيقي مقالي تي ٻڌل ڪتاب ”پاڪستان ۾ اردو غزل جو ارتقاءَ“ کانسواءِ شرح شعري ادب، بي اي جو اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور بابت اردو نصاب شامل آهن. ملڪ جي مختلف اد??ي رسالن ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ۽ شعري ۽ نثري تخليقون پڻ شايع ٿي چڪيون آهن. سندس تازو ڪتاب ”سرابِ دشتِ تمنا“ جو مُهاڳ ليکڪ، محقق، شاعر، نا??ل نگار ۽ اسلام يونيورسٽي بهاولپور جي ??ردو شعبي ۽ اقباليات جي ??در ڊاڪٽر شفيق احمد لکيو آهي. هن ڊاڪٽر انور صابر جي ??سلوب کي ساراهيندي لکيو آهي ته ڊاڪٽر انور صابر داخلي ڪيفيتن کي وڏي سهولت ۽ سادگي سان بيان ڪرڻ تي قدرت رکي ٿو ۽ معاشري جي ??ارجي نشيب و فراز، تجربن ۽ مشاهدن ۽ زندگي جي همه رنگي جي ??عري اظهار ۾ مهارت نظر اچي ٿي. مشهور ليکڪ، نقاد، شاعر ۽ منظوم سيرت نگار خورشيد ناظر ”اڪ نئين طرز تڪلم سي فضا مهڪي هي“ جي ??نوان سان پنهنجي ??اثر ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر انور صابر جي ??خليقن کي پڙهندي سدائين پاڻ کي ادب جي هڪ جدا جهان ۾ محسوس ڪيو. ان ۾ اها انفراديت رڳو ان جي لفظيات جي ??بب حاصل نه آهي پر پنهنجي منظلومات جي لاءِ ڇرڪائيندڙ موضوعن جي چونڊ ۽ پنهنجي ??عرن جي لاءِ تخيل جي ??لندي کيس تمام خوبصورت شاعر جي مقام تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. هن ميدان نظم ۽ نثر ۾ جيڪو ڪجهه لکيو سندس لکڻين جي هڪ هڪ سٽ پنهنجي قارئين کي عمدگي ۽ ترفع جي هڪ منفرد خوشبو سان سرشار ڪري ٿي. نا??يواري تعليمي ماهر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر خالق تنوير شاعري جي ڪتاب تي پنهنجي ??اءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر انور صابر جو ڪتاب اڌ صديءَ تي ٻڌل رياضت جو ثمر آهي. سندس تخليقي سفر ۾ اهڙي هم آهنگي نظر اچي ٿي جيڪا تهذيب ذات ۽ حس توازن جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. هِن ڪتاب سندس حمديه ۽ نعتيه شاعري کي خاص طور تي اهو فني جمال ڏنو جنهن کان اڳ اسان جي ??اعري باعموم محروم آهي. علمي ۽ ادبي شخصيت ڊاڪٽر رياض حسين بلوچ موجب هن ڪتاب ۾ فن شعر جا سمورا پاسا ۽ موضوع ته موجود ئي آهن پر نقطه فهم پڙهندڙ کي صاف ۽ قابل فهم زبان ۾ زندگيءَ ڪٿي انفرادي ۽ ڪٿي اجتماعي، ڪٿي ڪرڀ جو احساس ۽ ڪٿي محرومي ۽ ڪٿي وري اميد سان ڀرپُور نظر ايندي.