صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي وفاقي ٽيڪس محتسب پاران سال 2023ع جي رپورٽ پيش

image

اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2023ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. محتسب ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت ۽ ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي حل لاءِ قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه صدر کي محتسب جي مجموعي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ٽيڪس محتسب 2023ع ۾ 8963 معاملن تي ڪارروائي ڪئي، ٽيڪس محتسب 2023ع ۾ 17 ارب کان وڌيڪ جي ٽيڪس ريفنڊ ڪليمز جو فيصلو ڪيو، ٽيڪس ريفنڊ جي رقم ايف بي آر پاران متاثر ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ آگاهي مهم، نئين علائقائي آفيسن سان ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويا، آمريڪا، ڪئناڊا، سوئيڊن، گڏيل عرب امارات، هانگ ڪانگ ۽ فلپائن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيا ويا. ٽيڪس محتسب واپاري برادري جي سهولت لاءِ مختلف صنعت ۽ واپار وارن ايوانن مان اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري ردعمل يقيني بڻائڻ جي لاءِ موبائيل ايپ تيار ڪئي وئي، ايپ سان متاثر شڪايت ڪندڙ کي موبائيل/ سمارٽ ڊيوائسز تان شڪايتون داخل ڪرائڻ، معلومات وٺڻ ۾ مدد ملندي، ملڪ جي مختلف محتسبن جي پيشيواراڻي مهارت وڌائڻ جي لاءِ معلومات تربيتي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس محتسب سال 2023ع ۾ رڪارڊ ڪيسز تي ڪارروائي ڪئي، ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 ارب رپين جي ريفنڊز جي فراهمي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب متاثر ٽيڪس ڏيندڙن کي بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۾ بهتري، ٽيڪس ڏيندڙن جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں