پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

image

اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ايراني هم منصب امير عبداللهيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.

مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں