اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم اي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪيس ختم ڪرايو، عدليه اها آزاد مڃي و??ندي جيڪا انهن کي صرف رليف ڏي، اليڪشن صرف اهي آزاد مڃيا ويندا جنهن جي نتيجا سندن حق ۾ هجن، پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر ??ي اها ئي ايجنڊا آهي ته ڳالهه صرف اها درست هوندي جيڪا هي ڪندا، اهو جمهوريت ناهي، آمراڻو رويو آهي، فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن ۽ انهن کي فيصلن کي سياسي پارٽين کي تسليم ڪرڻو آهي، اهو ئي آئين ۾ لکيل آهي، هن چيو ته عمران خا?? اداران کي آزاد ۽ خودمختيار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ادارن تي ڪنهن خا??دان جي ڪا هڪ هٽي نه آهي.