اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معاشري جي ڪمزور طبقن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ حڪومت کي اهم ڪاميابي ملي آهي. حڪومت پاران ??ال??واري تنظيم اخوت کي فراهم ڪيل 5 ارب رپين جي رقم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هيستائين س??ڍا 7 هزار (7572) گهرن جي تعمير جي لاءِ 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن ۽ هيستائين فراهم ڪيل رقم جي ريڪوري جو تناسب سئو سيڪڙو رهيو آهي. واپس ??لن??ڙ رقم کي وڌيڪ خاندانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 2416 وڌيڪ درخواستن تي ڪم جاري آهي، فائد?? کڻندڙ خاندانن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جن جا مالي وسيلا انتهائي محدود هئا. پروگرام مان فائد?? کڻندڙ خاندانن وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.