ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئ??ن جي حل لاءِ گڏيل ڪوش??ون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊ??ا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ ڪوش??ون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئ??ن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن سان مسئ??ن جو حل ممڪن بڻايو ويندو.