اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي مختلف مڪتبه فڪر جي 14 عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. اي??ان صدر جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب صدر ??ار?? علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته رمضان المبارڪ دوران عالم سڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.