اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي وز??را??ظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم عمران خا?? 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وز??را??ظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وز??را??ظم عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جانسن کي چيو ت?? هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وز??را??ظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،