اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪ??هرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وز??راعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وز??راعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وز??راعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪ??هرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن ت?? رهنمائي ڪئي وئي. عوامي ڪ??هريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪ??هرين جو انعقاد ڪيو.