اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وائرس کا?? بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊوز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرائين، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪورونا ويڪسينيشن بابت پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪورونا وبا کي پوري د??يا منهن ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ ڏکيو مرحلو هو، پاڪستان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته ضروري آهي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ويڪسين لڳرا??ي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪورونا وائرس جو گراف جيترو هيٺ ويندو معيشت، روزگا?? ۽ ??عمولات زندگي ايتري بهت?? ۽ ??حفوظ ٿيندي.