اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي و??ير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفي?? منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي و??ير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي و??ير سان گڏ هئا. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي و??ير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پرڏيهي و??ير ٻين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سا?? پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.